محمد شامي کي راندين جي سڀ کان وڏي ايوارڊ سان نوازيو ويو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي فاسٽ بالر محمد شامي کي راندين جي سڀ کان وڏي ارجن ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي صدر دروپدي مرمو کيس راندين جي سڀ کان وڏي ايوارڊ سان نوازيو، ڪرڪيٽر کي اِهو اعزاز ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ غيرمعمولي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۽ ٽيم کي فائنل تائين پهچائڻ تي ڏنو ويو آهي.

ايوارڊ ملڻ تي محمد شامي جذباتي نظر آيو، ان موقعي تي فاسٽ بالر چيو ته اعزاز ملڻ خواب جي ساڀيان جيان آهي، ماڻهن جي سڄي زندگي نڪري ويندي آهي پر هو اِهو ايوارڊ حاصل ناهن ڪري سگهندا.

تقريب ۾ محمد شامي کانسواءِ مختلف راندين ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ 269 پليئرز کي ارجن ايوارڊ سان نوازيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.