موديءَ تي تنقيد ڪرڻ تي مالديپ جا ٽي وزير معطل

مالي (ويب ڊيسڪ) مالديپ جي حڪومت ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي تي تنقيد ڪندڙ پنهنجن ٽن وزيرن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب مالديپ جي حڪومت پنهنجن ٽن وزيرن مريم شيونا، ملشا شريف ۽ مهذوم ماجد کي معطل ڪري ڇڏيو آهي جن جو ڏوهه ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي تي سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪرڻ آهي.
مالديپ جي حڪومت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل وزيرن حڪومتي عهدن تي رهندي سوشل ميڊيا تي ان نوعيت جون پوسٽون ڪيون جن جي ڪري کين عهدن تان معطل ڪيو ويو آهي.
مالديپ حڪومت ڀارتي وزيراعظم تي ڪيل تنقيدي تبصرن کي انهن وزيرن جي ذاتي راءِ قرار ڏيندي چيو آهي ته سندن راءِ حڪومت موقف جي نمائندگي نٿي ڪري.
ٻي پاسي اپوزيشن جماعتن حڪومت تي تنقيد ۽ تبصرن جو استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ کي ڀوائتو قرار ڏيندي چيو ته راءِ جي اظهار جي آزادي جي حق کي جمهوري ۽ ذميواراڻي انداز ۾ استعمال ڪرڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.