نيٽورڪ ۽ انٽرنيٽ جو مسئلو حل، نئين سيٽلائيٽ لانچ

ٽيڪنالاجي ڪمپني اسپيس ايڪس فون سروس لاءِ پهرين سيٽلائيٽ لانچ ڪري ڇڏي، جنهن جي ذريعي موبائيل فونز واهپيدارن کي وائس، ٽيڪسٽ ۽ ڊيٽا ڪنيڪٽوٽي جي سهولت ملندي.
تفصيلن موجب هاڻي موبائيل فون نيٽورڪ لاءِ ٽاور جي ضرورت نه پوندي ۽ خلا مان ايند؟ڙ سگنلز سان موبائيل فونز هلنديون.
ٽيڪنالاجي ڪمپني اسپيس ايڪس فون سروس لاءِ پهري سيٽلائيٽ لائچ ڪئي آهي جيڪا واهپيدارن کي اسپيس انٽرنيٽ نيٽورڪ سان سلهاڙي سگھندي.
جنهن جي ذريعي موبائيل فونز واهپيدارن کي وائس، ٽيڪسٽ ۽ ڊيٽا ڪنيڪٽوٽي جي سهولت ملندي ۽ ڪنهن به اهڙي هنڌ تي جتي موبائيل ٽاور سان رابطو ممڪن هوندو، اتي ان سيٽلائيٽ برانڊ بينڊ سروس ذريعي موبائيل فونز ڪم ڪندا.
اسٽارلنڪ موجب سيٽلائيٽ سگنلز جي مدد سان دنيا ۾ ڪنهن به هنڌ کان پيغام موڪلڻ، ڪال ڪرڻ ۽ برائوزنگ ممڪن هوندي.
اها سروس واهپيدارن کي بنا رنڊڪ جي انٽرنيٽ به فراهم ڪندي، هلندڙ سال رڳو ٽيڪسٽ جي سهولت ملندي جڏهن ته ٻه هزار پنجاهه ۾ ڪال ۽ ڊيٽا جي سهولت متعارف ڪرائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.