پاڻ کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم چوندڙ گهران نه پيو نڪري: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڻ کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم چوندڙ گهران نه پيو نڪري، هنن چونڊن ۾ به ايتري گڙٻڙ ٿي رهي آهي، جيتري ماضي ۾ ٿيندي رهي آهي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چاهيون ٿا ملڪ ۾ جمهوري نظام ۾ بهتري اچي، اسان اڄ تائين تاريخ مان سبق نه سکيو، نواز شريف به ماضي مان سبق وساري چڪو آهي، پي ٽي آءِ کي به گهرجي ته ماضي مان سبق سکي.
هن چيو ته اسان پنهنجي دور ۾ اهڙو ماحول ٺاهيو هو ته ڪنهن کان سياسي انتقام نه ورتو وڃي، اسان جي دور ۾ هڪ به سياسي قيدي نه هو، ادارن ۾ مداخلت ۽ سياست نه ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ پنهنجي جماعت کي بند گهٽي ۾ ڌڪيو، مان پارليامينٽ ۾ چيو هو ته ائين نه ٿئي جو ملڪي سياست بند گهٽي ۾ هلي وڃي، نئين حڪومت جو مقصد اهو هوندو ته مخالفن کي جيل ۾ وجهڻو آهي ته ملڪ نه هلندو، سياستدان اها ئي سياست ڪندي ڪندي بزرگ ٿي ويا.
سندس چوڻ هو نواز شريف کي اندازو آهي ته هو چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجندو پر جيڪڏهن ان کي يقين هجي ها ته چونڊ مهم هلائي ها، سندس مُنهن لٿل آهي، نٿو لڳي ته هو وزيراعظم بڻجندو، ن ليگ جي مرضي آهي ته چونڊ مهم نه هلائي وڃي، انهن تاثر ڏنو ته سڀ ڪجهه انهن لاءِ ٺاهيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.