اتر وزيرستان ۾ مقابلو، پاڪ فوج جو جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وزيرستان ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ حوالدار محمد ظاهر شهيد ٿي ويو، جڏهن ته هڪ دهشتگرد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، سيڪيورٽي فورسز جي جوانن دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو ۽ هڪ دهشتگرد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مردان سان واسطو رکندڙ حوالدار محمد ظاهر شهيد ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.