شمسي نظام جي ٻن سيارن جا اصل رنگ سامهون اچي ويا

برطانيا جي فلڪيات ماهرن جي سربراهي ۾ ڪيل تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهيته شمسي نظام ۾ جوجود نيپچون ۽ يورينس نالي سيارن جا اُها رنگ نه آهن جيڪي ڊگھي عرصي کان سمجهيا ويندا آهن.
برطانوي نشرياتي اداري جي رپورٽ موجب 1980ع جي ڏهاڪي ۾ هڪ خلائي مشن جي تصوير ۾ نيپچون کي نيري رنگ ۽ يورينس کي سائي رنگ ۾ ڏيکاريو ويو هو.
پر هڪتحقيق مان خبر پئي آهي ته برف جي ٻه وڏا سيارا هلڪي سائي ۽ نيري رنگ جا آهن.
آڪسفورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر پيٽرڪ ارون موجب فلڪيات ماهر ڊگھِي عرصي کان ڄاڻين ٿا ته ٻنهي سيارن جي تصويرن ۾ جيڪي رنگ ڏسندا آهيون اُهي انهن جي اصلي رنگ نه هوندا آهن، اها تحقيق منٿلي آف دي آر اي ايس ۾ چپيل آهن.

true colors are discovered of neptune and uranus
هاڻوڪي تحقيق ۾ محققن يورپي سائودرن آبزرويٽري جي ٽيلي اسڪوپ تي هبل اسپيس ٽيلي اسڪوپ اميجنگ اسپيڪٽروگراف ۽ ملٽي يونٽ اسپيڪٽرو اسڪوپڪ ايڪسپلورر جي ڊيٽا جو استعمال ڪيو.
تحقيق ما اِها ڳالهه سامهون آئي آهي ته يورينس ۽ نيپچون جا رنگ هلڪي نيري رنگ جا آهن پر نيپچون ۾ نيرو رنگ ٿورو گھرو هوندو آهي.

uranus and neptune
مطالعي مان اها به خبر پئي آهي ته يورينس هن وقت سائو نظر ايندوآهي جڏهن گرميون ۽ سياري ۾ هڪ هڪ قطب سج ڏانهن هوندو آهي پر بهار ۽ خزان دوران جڏهن سج equator (خط استوا)تي هوندو آهي، ته جو رنگ نيرو هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.