پي ٽي آءِ جي بيٽ جي نشان جو ڪيس 10 جنوري تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي بيٽ جي نشان لاءِ داخل درخواست 10 جنوري تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ ليول پليئنگ فيلڊ بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ حامد خان کي طلب ڪيو ويو، جنهن تي هو روسٽرم تي اچي ويو.
چيف جسٽس، حامد خان کان پڇيو ته ڇا توهان جي درخواست سڀاڻي مقرر ڪيون؟ جنهن تي هن اپيل ڪئي ته اڄ ئي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس چيو ته اڄ 9 ميمبر بئنچ به آهي ۽ هڪ خاص بئنچ به آهي، حامد خان چيو ته اسان جي ترجيح اڄ آهي، نه ته 10 تاريخ تي لڳائي ڇڏيو.
چيف جسٽس پڇيو ته توهان فيصلي خلاف آيا يا 3/184 جي درخواست آهي؟ حامد خان چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪم خلاف 3/185 ۾ سپريم ڪورٽ آيا آهيون.
چيف جسٽس چيو ته بس پوءِ معاملو ججن جي ڪميٽي وٽ ناهي وڃڻو ته 10 جنوري تي ڪيس مقرر ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.