راولپنڊي ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي ڪار تي فائرنگ، ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چونتره ٿاڻي جي علائقي ۾ فائرنگ ۾ ٻارڙيءَ سميت 3 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب راولپنڊي جي علائقي چونتره ٿاڻي ۾ اڻڄاتل ماڻهن هڪ گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس ٻڌايو ته مارجي ويلن ۾ هڪ ننڍڙي ٻارڙي به شامل آهي، جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿيا، جن کي اسپتال نيو ويو.
پوليس موجب واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو ۽ جوابدار فرار ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.