ويوو جو ايڪس 100 پرو موبائيل فون لانچ، اهم فيچرز شامل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسمارٽ فونز جي مشهور برينڊ ويوو پنهنجو نئون فون ايڪس 100 پرو لانچ ڪري ڇڏيو آهي.

هي فون ويوو جي ايڪس 100 سيريز جو حصو آهي جنهن ۾ جديد فيچرز کي شامل ڪيو ويو آهي.

ويوو ايڪس 100 پرو سڄي دنيا ۾ ٽن رنگن ۾ لانچ ڪيو ويو آهي جن ۾ اسٽارٽريل بليو، اسٽيروائيڊ بليڪ ۽ سن سيٽ اورينج شامل آهي.

هن فون ۾ فن ٽچ او ايس 14 جو آپريٽنگ سسٽم لڳايو ويو آهي جڏهن ته هي فون اينڊرائيڊ 14 تي ڪم ڪندو.

ويوو ايڪس 100 پرو جو پروسيسر ڊائمينسيٽي 9300 جو آهي جنهن ۾ سي پي يو ڪور ڪائونٽ 8 جو آهي.

ويوو ايڪس 100 پرو ۾ 16 جي بي جي ريم لڳائي وئي آهي جڏهن ته هن ۾ روم يعنيٰ ميموري 512 جي بي آهي جڏهن ته هن ۾ وڌيڪ 16 جي بي ايڪسپينڊيبل ريم به آهي.

هن اسمارٽ فون جي جيڪڏهن بيٽري جي ڳالهه ڪجي ته هن ۾ 5260 ايم اي ايڇ ۽ 5400 ايم اي ايڇ جي ڊوئل بيٽري لڳائي وئي آهي ۽ 50 واٽ جو وائرليس فليش چارجر ڏنو ويو آهي.

ويوو ايڪس 100 پرو جو ڊسپلي ايموليڊ آهي جنهن جي ريزوليوشن 1260 2800 ايف ايڇ ڊي پلس آهي جڏهن ته هن جو ريفريش ريٽ 120 هرٽز آهي.

ويوو ايڪس 100 پرو ۾ 50 ميگا پڪسل جا ٽي ڪيمرا لڳايا ويا آهن جڏهن ته هن جي فرنٽ ڪيمرا 32 ميگا پڪسل آهي جنهن ۾ فور ڪي پورٽريٽ وڊيو جي سهولت به موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.