5 ڀيرا نڪ جي سرجري ڪرائي چڪي آهيان: مائرا خان جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مائرا خان انڪشاف ڪيو آهي ته هن 5 ڀيرا نڪ جي سرجري ڪرائي آهي کيس ننڍپڻ ۾ سرجري ڪرائڻ پسند هو، 19 ورهين جي عمر ۾ پهريون ڀيرو هن لائپوسڪشن به ڪرايو.
لائپوسڪشن ڇا آهي؟ لائپوسڪشن هڪ طبي طريقو آهي جيڪو ٿولهه گھٽائڻ يا سولن لفظن ۾ جسم مان چرٻي گھٽائڻ لاءِ ڪئي ويندڙ سرجري کي چوندا آهن.
اداڪارا مائرا خان ننڍي عمر سرجري ڪرائڻ جو انڪشاف نئين انٽرويو دوران ڪيو جنهن جي وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
اداڪارا چيو ته سرجري ڪرائڻ کيس گھڻو پسند هو، هوءَ رڳو 19 ورهين جي هئي جڏهن هن پهريون ڀيرو لائپوسڪشن ڪرايو هو.
اداڪارا چيو ته هن کي سرجري ڪرائڻ جي ضرورت نه هئي هن رڳو شوق لاءِ ائين ڪيو.
مائرا خان انڪشآف ڪيو ته هن 5 ڀيرا نڪ جي سرجري ڪرائي آهي، هن مداحن کي نڪ جي سرجري نه ڪرائڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته اهو عمل گھڻو تڪليف ڏيندڙ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.