پرويز الاهي ۽ سندس گهرواري چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ٽربيونل رٽرننگ آفيسر جو نااهلي جو فيصلو برقرار رکندي تحريڪ انصاف صدر پرويز الاهي ۽ سندس گهرواري قيصره الاهي کي چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.
پرويز الاهي ۽ سندس گهرواري قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 59 ۽ پنجاب اسيمبلي جي سيٽ پي پي 23 تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو رٽرننگ آفيسر جو فيصلو چئلينج ڪيو هو.
اليڪشن ٽربيونل جي جج چوڌري عبدالعزيز ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو هاڻ ٻڌايو ويو آهي.
اليڪشن ٽربيونل ٻنهي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو او جو فيصلو برقرار رکندي چيو ته اثاثا لڪائڻ، گهرواري جا پرڏيهي دورا ظاهر نه ڪرڻ جو اعتراض درست ثابت ٿيو.
اعتراض ڪندڙ جو گوشوارا ۽ مختلف ڪمپنين ۾ شيئر ظاهر نه ڪرڻ جو اعتراض به درست قرار ڏنو ويو ۽ ٻنهي تڪن لاءِ الڳ الڳ خرچن جا بئنڪ اڪائونٽ نه کولڻ جو اعتراض به درست نڪتو.
پرويز الاهي ۽ قيصره الاهي تي دستاويزن ۾ ٽيڪنيڪي غلطين ۽ اوٿ ڪمشنر کان تصديق نه ڪرائڻ جو اعتراض به درست نڪتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.