گونگي ڄڃ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شادي جي موقعي تي جڏهن ڄڃ ايندي آهي ته ڄاڃي دهلن شرنائين تي ڊانس ڪندي نظر ايندا آهن پر ڀارت ۾ اهڙي ڄڃ ڏسڻ ۾ آئي آهي جتي ڄاڃي خاموشي سان نچندي نظر آيا.

فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي انڊين انفلوئينسر شيوانگي شيو هاري اهڙي وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو پنهنجي دوستن سان ڄڃ ۾ گانن تي هيڊ فون لڳائي ڊانس ڪري رهي آهي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شيوانگي شيوهاري کانسواءِ ڄڃ کانسواءِ ڄڃ ۾ ٻيا نوجوان ۽ ڄاڃي به هيڊ فون لڳائي جهمريون هڻي رهيا آهن.

شيوانگي شيوهاري شيوهاري پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ لکيو ته ڪڏهن نه سوچيو ته مان اي دل هي مشڪل جي ڊي جي پارٽي ۾ شريڪ ٿينديس.

ڇا اوهان به اهڙي پارٽي ۾ شريڪ ٿيڻ چاهيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.