9 مئي سانحي ۾ ملوث اشتهارين خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر ڪريڪ ڊائون شروع

لاهور (ويب ڊيسڪ) 9 مئي سانحي جي جوابدارن ۽ اشتهارين خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب آپريشنز ۽ انويسٽيگيشن ٽيمن کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، هيل تائين گرفتار نه ٿيندڙ جوابدارن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته هيل تائين جي جاچ ۾ وڌيڪ 382 جوابدارن جي گرفتاري گهربل آهي، گرفتار نه ٿيندڙ 282 اشتهارين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
پوليس رپورٽ موجب لاهور ۾ 9 مئي واقعن جا 14 ڪيس داخل ٿيا، 49 ڪيس ٻين سنگين قلمن تحت داخل ٿيا، 1035 جوابدار دهشتگردي جي ڪيسن ۽ 884 جوابدار ٻين ڪيسن ۾ گرفتار ڪيا ويا.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دهشتگردي جي ڪيسن ۾ هيل تائين جيلن ۾ 741 جوابدار جڊيشل ٿيا، ٻين ڪيسن ۾ 318 جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي جيلن ۾ رکيو ويو، باقي سمورا جوابدار ضمانتن تي آهن يا ڪيسن مان ڊسچارج ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.