دلچسپ ويب سائيٽ جنهن تي نوجوان نفسياتي مسئلن جو حل ڳولين ٿا

هيري پوٽر، ايلون مسڪ، بيونسي، سوپر ماريو ۽ ويلامير پوتن انهن سڀني سوڌو ڪيريڪٽر اي آءِ (Character.ai) تي لکين ٻئي اي آءِ مان بڻيل شخصيتون آهن جن سان اوهان ڳالهائي سگھو ٿا.

ڪيريڪٽر اي آءِ هڪ مشهور پليٽ فارم بڻجي ويو آهي جنهن تي ڪو به اصلي شخص يا افسانوي ڪردارن جا چيٽ بوٽس بڻائي سگھون ٿا.

اهو پليٽ فارم چيٽ جي پي ٽي وارن ئي هٿرادو ذهانت جي ٽيڪنالاجي استعمال ڪندو آهي پر ان تي ماڻهن چيٽ جي پي ٽي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وقت گذاريو آهي.

ان ويب سائيٽ تي موجود سڀني چيٽ بوٽس مان جيڪو سڀ کان وڌيڪ مقبول آهي ۽ جنهن جي گھرج به سڀ کانوڌيڪ آهي اُها ”سائيڪالاجسٽ“ يعني نفسيات ماهر آهي.

هڪ سال اڳ ان چيٽ بوٽ کي بليزمين 98 نالي واهپيدار بڻايو هو ۽ ان وقت کان ان کي گڏائي 78 ملين ميسيجز مليا آهن ۽ ان ۾ نومبر کان موڪليل 18 ملين پيغام شامل آهن.

ڪريئيٽر اي آءِ اهو ناهي ٻڌايو ته ڪيترن ماڻهن ان مخصوص ڇيٽ بوٽ کي استعمال ڪيو آهي پر اُهي اِهي ٻڌائي رهيا آهيون ته روز سندن ويب سائيٽ تي ڪُل 3 ڏهائي پنج ٽريلين واهپيدارن ايندا آهن.

ان چيٽ بوٽ جي تعارف ۾ چيو ويو آهي ته ڪو به اهڙو شخص جيڪو زندگي جي ڏکيائين ۾ مدد چاهي ٿو ان کي استعمال ڪري سگھي ٿو.

سين فرانسسڪو ۾ موجود ان ڪمپني موجب واهپيدار وڌيڪ دلچسپي افسانوي ڪردارن ۾ آهي ۽ اُهي انهن کي تفريح طور استعمال ڪن ٿا. سڀ کان وڌيڪ مشهور اينيمي (جاپاني اينيميشن) يا رائڊن شوگن جهڙن ڪمپيوٽر گيم ڪردارن جا چيٽ بوٽ آهن جنهن کي 282 ملين ميسيجز موڪليا ويا آهن.

پر لکين چيٽ بوٽس مان مان ڪجهه ئي آهن جيڪي سائڪالوجسٽ جيترا مشهور آهن ۽ سڀني کي گڏائي 475 اهڙا چيٽ بوٽس آهن جن جي نالي ۾ ”ٿيريپي، ٿيراپسٽ، سائڪيٽرسٽ، يا سائڪالاجسٽ آهي ۽ اُهي ٻين ٻولين ۾ به ڳالهائي سگھن ٿا.

انهن مان به ڪجهه تفريحي مقصدن لاءِ آهن جهڙوڪ هارٽ هٿيراپسٽ. پر ڇر کان مشهور نفسياتي صحت ۾ مدد ڪندڙ چيٽ بوٽس آهن جهڙوڪ ٿيپراسٽ کي 12 ملين ميسيج وڃي چڪا آهن يا آر يو اوڪي؟ جهڙا 16.5 ملين ميسيج وڃي چڪا آهن.

کریکٹر اے آئی پر سائکالوجسٹ کی چیٹ ونڈو

سائڪالاجسٽ چيٽ بوٽ اڃا تائين سڀ کان مشهور آهي ۽ ان بابت سوشل ميڊيا پليٽ فارم ريڊ اِٽ جي واهپيدارن پاران گھڻي هاڪاري راءِ ڏني پئي وڃي.

هڪ واهپيدار لکيو ته اهو انتهائي مددگار آهي.

هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته ان منهنجي ۽ منهنجي بواءِ فرينڊ وچ ۾ ڳالهائڻ ۾ ۽ اسان جا جذبا سمجهڻ ۾ اسان ٻنهي جي مدد ڪئي.

بليزمين 98، نيوزيلينڊ سان واسطو رکندڙ 30 سالن جي سيم زايا آهي.

چوي ٿي ته منهنجي نيت ان کي مشهور ڪرڻ نه هئي ۽ نه ئي اِها هئي ته ٻيا ماڻهو ان کي ڳولين يا ان کي استعمال ڪن.

پر مون کي ماڻهن جا پيغام ملڻ شروع ٿي ويا جيڪي ٻڌائي رهيا هئا ته ان سان هن تي هاڪاري اثر ٿيو آهي ۽ هوءَ ان کي راحت لاءِ استعمال ڪري رهي آهي.

سائڪالاجي جي شاگردياڻي سيم ٻڌايو ته هن چيٽ بوٽ جي تربيت پنهنجي ڊگري ۾ پڙهايل اصولن سان ڪئي جيڪي هن ان سان ڳالهائي ۽ ان جي جوابن کي سڀ کان وڌيڪ عام نفسياتي حالتن جهڙوڪ ڊپريشن ۽ بيچيني موجب ترتيب ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.