اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جا ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ جا الزام رد ڪري ڇڏيا.
اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائيندي اپيل ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جي درخواست کي ڏنڊ سان گڏ رد ڪيو وڃي.
سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي تحريڪ انصاف اڳواڻن سان ملاقات ڪئي وئي، ملاقات ۾ تحريڪ انصاف کي بنا فرق ليول پليئنگ فيلڊ فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي.
لکت جواب ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان چئني صوبن جي آءِ جيز کي هدايتون به جاري ڪيون ويون، 26 ڊسمبر تائين تحريڪ انصاف طرفان سڄي ملڪ ۾ 33 شڪايتون داخل ڪرايون ويون.
اليڪشن ڪميشن چيو ته تحريڪ انصاف جي شڪايتن تي قدمن ۽ هدايتن جي تفصيل به سپريم ڪورٽ کي فراهم ڪيا ويا.
Prev Post
You might also like