اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت ڪانٽريڪٽ بيسڊ سمارٽ فونز پاليسي متعارف ڪرائي ڇڏي ۽ عوام کي آءِ فون جي قسطن تي فراهمي جي باقاعدي طور شروعات 12 جنوري کان ٿيندي.
انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت نگران وفاقي وزير عمر سيف 12 جنوري تي هڪ قدم جي شروعات لاءِ ٽيلي ڪام اسٽيڪ هولڊرز سان سهڪار جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
ذريعن موجب نگران حڪومت جو اهو پروگرام واهپيدارن کي آسان قسطن جي منصوبي ذريعي جديد ترين ماڊل فونز حاصل ڪرڻ جي لائق بڻائيندو.
نگران وفاقي وزير ٻڌايو ته آءِ فون ان آڇ ۾ شامل هوندي، پي ٽي اي قسط جي ادائيگي ۾ ناڪامي جي صورت ۾ هينڊ سيٽس کي بلاڪ ڪرڻ لاءِ ڊوائس آئيڊنٽيفڪيشن، رجسٽريشن ۽ بلاڪنگ سسٽمز کي لاڳو ڪندي.
ڊاڪٽر عمر سيف چيو ته پاليسي جو مقصد ذميواراڻي مالياتي رويي کي هٿي ڏيڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته سمارٽ فونز جي پهچ ۾ واڌ ٿيندي رهي، ان پاليسي تحت ٽيلي ڪام ڪمپنين کي قسطن جي منصوبن ذريعي واهپيدارن کي سڌي ريت سمارٽ فونز پيش ڪرڻ جو موقعو ملندو، خاص طور تي گهٽ آمدني واري طبقي ۾ موبائل براڊ بينڊ جي فائدي کي واڌ ملندي.
You might also like