واٽس ايپ ۾ لاسٽ سين فيچر کي بند ڪرڻ جو طريقو

اوهان واٽس ايپ تي آن لائين آهيو يا نه، اهو ڄاڻڻ ڏکيو نه آهي ڇو جو واٽس ايپ واهپيدارن جو آن لائين اسٽيٽس سڀ جي سامهون هوندو آهي.
پر واهپيدارن جي پرائيويسي کي وڌيڪ تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ پاران 2022ع ۾ آن لائين اسٽيٽس کي لِڪائڻ جو فيچر متعارف ڪرايو ويو هو.
ان فيچر سان واهپيدارن لاءِ پنهنجي آن لائين اسٽيٽس مخصوص ماڻهن يا هر هڪ کان لِڪائي سگھو ٿا.
جيڪڏهن اوهان کي خبر نه هجي ته ڄاڻي وٺو ته جڏهن به اوهان واٽس ايپ کي کوليندا آهيو ته اوهان جي نالي جي چيٽ کُليندڙ هر فرد کي خبر پئجي سگھي ٿي ته اوهان ڪهڙي وقت آن لائين ٿيا هئا يا آخري ڀيرو ڪڏهن ٿيا هئا.
اهڙيءَ طرح اهو به ڄاڻڻ ممڪن آهي ته اوهان هن وقت آن لائين آهيو يا نه جيڪو واههپيدارن جي پرائيويسي لاءِ هاڃيڪار هوندو آهي.
حيران ڪندڙ به به ڄاڻن ممڪن آهي ته اوهان هن وقت آن لائين آهي يا نه جيڪو واهپيدارن جي پرائيويسي لاءِ هاڃيڪار ٿي سگھي ٿو.
حيران ڪندڙ طور تي گھڻا ماڻهو ان فيچر جي پرائيويسي لاءِ اهميت کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن.
فيچر کي ڪيئن استعمال ڪجي؟
ان فيچر کي استعمال ڪندڙن لاءِ فون ۾ واٽس ايپ کي کولڻ سيٽنگز ۾ وڃي پرائيويسي جي آپشن جي چونڊ ڪريو.
اُتي لاش سين ۽ آن لائين تي ڪلڪ ڪريو، جتي اوهان کي هيٺ بيان ڪيل آپشن نظر ايندا، جن مان اوهان پنهنجي پسند جي آپشن جي چونڊ ڪري سگھو ٿا.
ان آپشن سان اوهان اهو به ڄاڻي سگھو ٿا ته ڪن ماڻهن کي اوهان آن لائين جي خبر پوڻ گھرجي.
اهو خيال رهي ته جيڪڏهن اوهان لاسٽ سين ۾ نوباڊي آپشن جي چونڊ ڪندا ته پوءِ اوهان پاڻ به پنهنجن دوستن جي لاسٽ سين ۽ آن لائين اسٽيٽس کي نه ڏسي سگھندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.