گوگل ميپس ۾ نئون ۽ بهترين فيچر متعارف

جيڪڏهن اوهان ڊرائيونگ دوران رستن کي سمجهڻ لاءِ گھڻو ڪري ماڻهو گوگل ميپس استعمال ڪندا آهيو تنهنڪري سٺي خبر اِها آهي ته ان ۾ هڪ ڪم جو فيچر شامل ڪيو ويو آهي.

ٿري ڊي بلڊنگز نالي فيچر گوگل ميپس ۾ جدل واهپيدارن کي دستياب هوندو.

هونئن ته گوگل ميپس ۾ ٿري ڊي بلڊنگز جو آپريشن ليئرز ڪافي عرصي کان موجود آهي پر نيويگينشن موڊ ۾ ان کي استعمال ڪرڻ ممڪن نه هوندو.

پر هاڻي ڪمپني پاران نيويگيشن موڊ ۾ ان فيچر کي استعمال ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي.

رپورٽ موجب گوگل ميپس جي اينڊرائڊ ۽ آءِ او ايس ايپس ۾ نيويگيشن دوران ٿري ڊي بلڊنگز آپشن ڪجهه واهپيدارن کي دستياب آهي.

اهو فيچر شهرن ۾ سفرن دوران گھڻو مددگار ثابت ٿيندو ۽ اهو ڄاڻڻ سولو ٿي ويندو ته منزل تي پهچڻ لاءِ ڪهڙي رستي مڙڻ بهتر هوندو.

عماررتن کي ٿري ڊي شڪل ۾ ڏسڻ لاءِ ايپ جي ميپ ڊٽيلز سيڪشن ۾ ٿري ڊي ليئر کي ٽرن آن ڪرڻو پوندو.

اس طرح فیچر کو ٹرن آن کرنا ہوگا / فوٹو بشکریہ فیوچر

ان لاءِ ايپ ۾ ليئرز آئيڪون تي ڪِلڪِ ڪري ٿري ڊي آپشن جي چونڊ ڪريو.

ان کان پوءِ نيويگيشن موڊ استعمال ڪندي وزم ڪرڻ تي عمارت ٿري ڊي شڪل ۾ نطر ايندي.

یہ فیچر شہروں میں نیوی گیشن کے دوران مددگار ثابت ہوگا / فوٹو بشکریہ فیوچر

اهو فيچر شهرن يا گھڻ عمارتن وارن علائقن ۾ ئي استعمال ٿي سگھندو ۽ ميپ ۾ زوم ڪرڻ ضروري هوندو.

جيئن مٿي درج ٿي چڪو آهي ته اهو فيچر في الحال ڪجهه واهپيدارن کي دستياب آهي پر امڪان آهي ته جلد سمورا واهپيدار ان کي استعمال ڪري سگھندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.