ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ بحريا عربي سمنڊ ۾ پنهنجي بحري جنگي جهازن کي مقرر ڪري ڇڏيو، اهو قدم ميري ٽائم سيڪيورٽي جي تازن واقعن سبب کنيو ويو آهي.
پاڪ بحريا جي ترجمان موجب پاڪ بحريا ميري ٽائم سيڪيورٽي جي تازن واقعن کانپوءِ عربي سمنڊ ۾ پنهنجي جنگي جهازن کي مقرر ڪيو آهي، جن جي پاڪستاني واپاري رستن جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ پيٽرولنگ جاري آهي.
ترجمان ٻڌايو ته پيٽرولنگ جو مقصد پاڪستان ۽ عالمي واپاري بحري جهازن جي حفاظت يقيني بڻائڻ آهي ۽ پاڪ بحريا طرفان انهن واپاري لنگهن جي مسلسل فضائي نگراني به ڪئي پئي وڃي.
ترجمان موجب پاڪ بحريا خطي ۾ بحري امن برقرار رکڻ جي حوالي سان پنهنجي قومي ذميواري کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ جنگي جهاز عربي سمنڊ ۾ مستقل موجودگي يقيني بڻائڻ لاءِ پيٽرولنگ ڪندا آهن.
Next Post
You might also like