هاڻي يوٽيوب تي گيمون کيڏڻ به ممڪن

جيڪڏهن اوهان يوٽيوب تي وڊيوز ڏسڻ بدران گيمز کيڏڻ چاهيو ٿا ته ائين ممڪن آهي.
جي ها واقعي گھٽ ۾ گھٽ يوٽيوب پريميئم جا واهپيدار مختلف آن لائين گيمز ان وڊيو شيئرنگ سروس تي کيڏي سگھن ٿا.
پلي ايبلز نالي اهو تجرباتي فيچر سڀ کان پهريان سيپٽمبر ۾ محدود ماڻهن لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو.
پر گذريل ڪجههه هفتن کان اهو فيچر سمورين پريميئم واهپيدارن کي دستياب آهي.
گڏيل طور تي يوٽيوب واهپيدارن لاءِ 37 گيمز موجود آهن ۽ انهن کي ڊائونلوڊ يا انسٽال ڪرڻ جي ضرورت نه آهي پر موبائيل ايپ يا ڊيسڪ ٽاپ تي انهن کي کيڏڻ ممڪن آهي.
واهپيدار انهن گيمز جي لائبريري کي ايڪسپلور ٽيب جي پلي ايبلز سيڪشن ۾ ڏسي سگھو ٿا.
يوٽيوب ۾ اڪثر اهڙا تجربا ڪيا ويندا آهن ۽ شروعات ۾ اهڙا فيچرز ماهوار فيس ادا ڪندڙ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايا ويندا آهن، جنهن کان پوءِ انهن کي مستقل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ ٻين ماڻهن لاءِ به پيش ڪيو ويندو آهي.
هونئن ته واهپيدار گيمز لاءِ يوٽيوب جي سبسڪرپشن سروس جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار نه هوندا پر ڪمپني کي اميد آهي ته ان سروس کي استعمال ڪندڙن گيمز کيڏي پنهنجي ميمبرشپ برقرار رکڻ جو فيصلو ضرور ڪري سگھن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.