ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب بنگلاديش نيشنل پارٽي (بي اين پي) سميت اپوزيشن جي وڏين جماعتن شيخ حسينه واجد جي نگراني ۾ ٿيندڙ اليڪشن کي غير منصفاڻيو قرار ڏئي عاوم چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو آهي.
بنگلاديشي ميڊيا موجب وزيراعظم شيخ حسينه واجد ڍاڪا ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو جڏهن ته بنگلاديش جي عام چونڊن جا شروعاتي نتيجا جو اعلان سڀاڻي تائين ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ مخالف ڌر جي بائيڪاٽ سبب هڪ ڀيرو وري شيخ حسينا واجد جي وزيراعظم بڻجڻ جو امڪان آهي.
ٻي پاسي شيخ حسينه جو چوڻ آهي ته چونڊن جو بائيڪاٽ ڪندڙ مرڪزي جماعت هڪ دهشتگرد تنظيم آهي، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ملڪ جمهوري رهي.
هن چيو ته بنگلاديش هڪ خودمختيار ملڪ آهي، ماڻهو منهنجي طاقت آهن ۽ اسان جي جماعت عوامي مينڊيٽ حاصل ڪندي.
ٻي پاسي بي اين پي سڀاڻي کان ملڪ ۾ 2 ڏينهن جي هڙتال جي ڪال به ڏني آهي جڏهن ته اليڪشن کان اڳ پرُتشدد واقعن واقعا به سامهون آيا ۽ ان دوران 5 اسڪولن ۽ 4 پولنگ بوٿز کي ساڙيو ويو.
چٽا گانگ ۾ پوليس ۽ اپوزيشن ميمبرن وچ ۾ چڪريون به ڏسڻ ۾ آيون، اپوزيشن ڪارڪنن ٽائر ساڙي رستا بلاڪ ڪيا هئا، اپوزيشن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس پاران شاٽ گن سان فائرنگ ڪئي وئي.
Next Post
You might also like