فضل الرحمان چونڊ ملتوي ڪرڻ جي ٺهراءَ جي حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ماحول جي بهتري لاءِ جيڪڏهن چونڊون ملتوي ٿي وڃن ته آسمان نه ڪِري پوندو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته چونڊن جو ماحول ناهي، اسان جلسن ۾ نٿا وڃي سگهون، اسان جي جلسن ۾ شرڪت تي ماڻهن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، سينيٽ جو ٺهراءُ اسان جي موقف جي تائيد آهي.
هن چيو ته ماحول کي اهڙو بڻايو وڃي ته اسان ووٽر وٽ وڃي سگهون، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ چونڊن جو ماحول ناهي پر جيڪڏهن هر صورت ۾ چونڊون مڙهيون ويون ته اسان حصو وٺنداسين، اسان چونڊن کان ڀڄڻ وارا ناهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.