اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري عمر حميد پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب عمر حميد طبعيت ۾ ناسازي سبب پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اڃا تائين اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري جي استعيفيٰ منظور ناهي ڪئي.
عمر حميد جو ٻن سالن جو ملازمت جو مدو گذريل سال جولاءِ ۾ ختم ٿيو هو پر چيف اليڪشن ڪمشنر سندس ملازمت جي مدي ۾ هڪ سال واڌ ڪئي هئي.
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري جي استعيفيٰ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن ملڪ ۾ عام چونڊون ويجهو آهن.
Prev Post
Next Post
You might also like