پاڪستان ”بدترين ايشيائي ٽيم“ قرار

سڊني (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ايڊم گلڪرسٽ پاڪستان جي موجوده ٽيم کي آسٽريليا جو دورو ڪندڙ ”بدترين ايشيائي ٽيم“ قرار ڏئي ڇڏيو.
سڊني ٽيسٽ دوران ڪامينٽري ڪندي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر پاڪستان ٽيم خلاف سخت لفظ استعمال ڪندي چيو ته آسٽريلوي سرزمين تي ان کان اڳ پاڪستان جي اهڙي بدترين ٽيم ناهي ڏٺي.
هن چيو ته سڊني ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ پاڪستان شاندار واپسي ڪئي پر ٻي اننگز ۾ ليڊ وٺڻ باوجود پاڪستاني بيٽنگ لائن تاش جي پتن جيان وکري وئي، پاڪستان جي ڀيٽ ڀارت سان ٿيندي آهي، ڀارت سخت چئلينجن باوجود ڏکڻ آفريقا ۾ ميچ کٽي، جڏهن ته آسٽريليا خلاف 2 ڀيرا سيريز کٽي.
سندس چوڻ هو ته مان اها آسٽريليا جي سرزمين تي هيل تائين جي بدترين ايشيائي ٽيم ڏٺي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.