مرتضيٰ سولنگي جو ٺڪاءُ،حڪومت اڪنامسٽ کي ڪو به خط نه لکندي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي عمر چيما چيو آهي ته حڪومت پريشان آهي ته اڪنامسٽ ڪهڙي حرڪت ڪئي آهي،پي ٽي آءِ جا حامي وڏا خوش آهن، ٽوئيٽر تي ڌم متل آهي، مرتضيٰ سولنگي جو خيال  آهي ته عمران خان سياسي قيدي ناهي، هن تي ڪرپشن ۽ فوجداري ڏوهن جا ڪيس آهن،عمر چيما چيو ته  پ پ وارن تي به ڪرپشن جا ڪيس آهن، انهن ڪيسن ۾ ڪجهه ۾ حقيقت به آهي پر مرتضيٰ سولنگي پ پ سان محبت ڪري ٿو هن کان پڇندو ته هو چوندو ته اهي سمورا ڪيس سياسي آهن،نوازشريف تي ڪيسن تي ڪجه ماڻهو چوندا ته اهي سياسي بنيادن تي ٺاهيا ويا آهن، اڪنامسٽ جيڪڏهن عمران خان جو مضمون شايع ڪيو آهي ته ان ۾ ڪو حرج ناهي، باقي فوج ۽ آمريڪا تي حڪومت ڪيرائڻ واري الزام واري ڳالهه تي اڪنامسٽ فوج ۽ آمريڪا ٻنهي جي ترديد به شامل ڪئي آهي، هن چيو ته ڳالهه اها آهي ته ڇا مرتضيٰ سولنگي ان مضمون تي اڪنامسٽ کي خط لکندو جيڪو هن ٽوئيٽر پيغام ۾ اعلان ڪيو هو؟ منهنجي معلومات مطابق حڪومت پاڪستان اڃا تائين برطانوي رسالي کي خط ناهي لکيو،حڪومتي ذريعن مطابق سولنگي صاحب واري ڳالهه کي عدالت جو مختصر فيصلو سمجهيو وڃي، سولنگي جو ٽوئيٽ ئي فائنل احتجاج آهي، اڳتي اهي ڪجهه به نه ڪندا، پي ٽي آءِ جا حامي اهڙا افواهه ڦهلائي رهيا آهن ته خان صاحب کي ڪنهن جيل عملي ڪاغذ پين ڏني، هو مضمون لکي رهيو هو ته هڪ ٻيو عملدار اوچتو اچي ويو ۽ ان ڏسي ورتو ۽ ڪاغذ کسي ورتو منهنجي خيال ۾ عمران خان جهڙين وڏين شخصيتن جي نالي تي جيڪو مضمون وغيره لکيو ويندو آهي اهو ضروري ناهي ته عمران خان ئي لکيو هجي، وڏين وڏين حڪمت جون ڳالهيون به اسپيچ رائٽر لکندا آهن، ليڊر ضروري ناهي ته پاڻ تقرير يا مضمون لکي، حڪومتي جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته جيل مان ان قسم جو مضمون ٻاهرناهي آيو بلڪه ڪنهن گهوسٽ ليکڪ عمران خان جي خيالن کي نظر ۾ رکندي اهو مضمون لکي ڇڏيو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان جي متن جي عمران خان کان جيل مان منظوري ورتي وئي هجي،اڪنامسٽ منهنجو پسنديده رسالو آهي، اڪنامسٽ ٽوئيٽ ۾ جواب ڏنو آهي ته اهو مضمون عمران خان جيل مان لکيو آهي، مرتضيٰ سولنگي نٿو لڳي ته اڪنامسٽ کي ڪو ڊگهو جواب ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو

سزا يافته نوازشريف کي ميڊيا ڪوريج،مرتضيٰ سولنگي اينڪر جي سوال تي وائڙو

اسلام آباد(م ڊ)وفاقي وزير اطلاعات مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪميٽي تجويزون ڏيندي ته آئنده 9 مئي جهڙا واقعا نه ٿين، 9 مئي ڪيسن جو الڳ الڳ جائزو ورتو ويندو، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جو ڪم عدالتن جي فيصلن تي عملدرآمد ڪرڻ آهي، عدالتن مان جيڪي به فيصلا ايندا انهن مان ڪجهه غلط هوندا ته انهن کي چئلينج ڪيو ويندو، هن چيو ته فضل الرحمان ۽ ٻين اڳواڻن کي سيڪيورتي فراهم ڪرڻ انتظاميا جي ذميواري آهي،اسان اها ذميواري پوري ڪنداسين، سوال اٿارڻ ۽ نگران حڪومت تي تنقيد تي  پابندي ناهي، سيڪيورٽي صورتحال ۽ شديد موسم ۾ به ماضي ۾ چونڊون ٿيون آهن، اليڪشن ڪميشن جي هيل تائين جي کنيل قدمن مان اسان مطمئن آهيون، انهن جون مالي،انتظامي ضرورتون پوريون ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، هن چيو ته اڪنامسٽ کي عمران خان جو مضمون لکڻ تي اسان خط لکنداسين، اسان جي نظر ۾ اهو ڪالم نه پر پروپيگنڊا آهي، هن جي نالي سان هڪ مضمون لکيو ويو آهي، اسان جي معلومات مطابق عمران خان اهو آرٽيڪل ناهي لکيو،اهو گهوسٽ آرٽيڪل آهي، عمران خان پاڻ اهو ناهي لکيو،هن چيو ته ماضي ۾  آصف زرداري جو انٽرويو هلڻ نه ڏنو ويو، عمران خان ڪڏهن به تنقيدي صحافي کي انٽرويو ناهي ڏنو، اڄ به هو طلعت حسين ۽ شاهزيب خانزاده کي انٽرويو ڏيڻ کان سئو ڀيرا لنوائيندو،اڪنامسٽ جي آرٽيڪل ۾ لڳايل الزامن تي لاڳاپيل ڌرين جو موقف به شامل ناهي،جڏهن ته  نوازشريف جي سزا يافته هئڻ باوجود سندس وطن واپسي تي ٽي وي چئنلن تي ڪوريج ڏيڻ واري سوال تي مرتضيٰ سولنگي مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو،هن چيو ته عدالتن فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، اهو توهان ڏسي ورتو آهي، ان وقت به هن جي سزا معطل هئي، سزا ته عمران خان جي سزا به معطل آهي واري سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا ختم ناهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.