نئين سال ۾ بھ مھانگائي گھٽ نه ٿي

ملڪ ۾ چونڊن جي تياري هلندڙ آھي.سال بدليو آھي، نئين سال ۾ چونڊون ٿيڻون آھن، پر معاشي صورتحال جي اشارن مان لڳي پيو تھ ملڪ جي عام ۽ غريب ماڻھون جي قسمت ۾ ڪو وڏو ڦيرو اچڻ وارو نھ آھي. نئين سال جي پھرين ھفتي ۾ مھانگائي ۾ اضافو ٿي ويو آھي.اختيارين کي بجلي جي في يونٽ قيمت وڌائڻ جي منظوري ملي وئي آھي.ملڪ جي اڪثر حصن ۾ سياري جي ٿڌ وڌي وئي آھي ۽گھريلو صارفين جي لاءِ گئس جي کوٽ پئدا ٿي وئي آھي.

مٿي ذڪر ڪيل حالتن ۾ عام ماڻھون جي حياتيءِ ڪيتري ڏکي گذري رھي آھي ان جو ڪنھن کي ڪو فڪر نھ آھي.ان بابت نھ تھ ڪو سياستدان سوچي ٿو نھ وري ھن وقت اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل نگران حڪومت کي ڪا ڳڻتي آھي.ملڪي معيشت جي ماھرن وٽ بھ ملڪ جي عام ماڻھو ايجنڊا جو حصو نھ آھي.اھو ئي سبب آھي تھ عام ماڻھو وقت گذرڻ سان گڏوگڏ معاشي بار ۾ دٻجندو پيو وڃي.

انگن اکرن بابت شماريات واري اداري  جي رپورٽ موجب مھانگائي ۾ ٿيل اضافي بعد ملڪ ۾ مهانگائي جي سالياني شرح 72.86 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ هفتي 19 شيون مهانگيون ۽ 9 سستيون ٿيون، 23 ضروري شين جون قيمتون مستحڪم رهيون، هڪ هفتي ۾ ٽماٽا 16 سيڪڙو ۽ ڪُڪڙ 13.98 سيڪڙو مهانگو ٿيا، جڏهن ته آنا 3.2 سيڪڙو، بصر ۽ ڪيلا 2.1 سيڪڙو مهانگا ٿيا، چڻن جي دال جي قيمت ۾ 2.12 سيڪڙو، کنڊ ۾ 2 سيڪڙو ۽ منڱن جي دال ۾ 1.68 سيڪڙو اضافو ٿيو. هڪ هفتي ۾ ايل پي جي سلينڊر 1.19 سيڪڙو مهانگو ٿيو، هفتي ۾ پٽاٽا 8.68 سيڪڙو ۽ چانهھ جي پتي 1.29 سيڪڙو سستي ٿي.

ٻئي پاسي نيشنل پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 2 رپيا 87 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ميڊيا موجب نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي بجلي جي اگهن ۾ ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ واڌ جي منظوري ڏني.بجلي جي قيمت ۾ واڌ جنوري کان مارچ 2023ع جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي.ياد رھي تھ نيپرا ساڳئي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ٻه ڀيرا بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪئي آهي، جتي اڳ وفاق ۽ هاڻي اليڪٽرڪ جي درخواست تي بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي هئي.ان کان اڳ جنوري ۽ مارچ 2023ع ۾ بجلي جي اگهن ۾ هڪ رپيو 25 پئسا واڌ ڪئي وئي هئي.

جنھن طريقي سان ملڪ ۾ عوام جي سھولت وارين سروسز سلسلي ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي ان سان عام ماڻھو جي بجيٽ تي وڌيڪ بار پوڻ لازمي امر آھي،جنھن سان اڳي ئي معاشي تنگي جو شڪار عوام ويتر مالي دٻاءَ جو شڪار ٿي ويندو ۽ پئدا ٿيل معاشي اڻبرابري جي ڪري سموري سماجي پرتن تي ان جا منفي اثر ظاھر ٿيندا.

وفاقي نگران حڪومت ٻين تھ ڪيترن ئي معاملن ۾ پنھنجا اختيار استعمال ڪري ٿي، پر ماڻھو جي پريشاني کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪي بھ قدم کڻڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.ھاڻوڪي حڪومت جي ڪري ڪنھن حد تائين نوڪر شاھي جي من مستي کي ڌڪ پھتو آھي، بھتر ٿئي جيڪڏھن حڪومت رڳو واپارين ۽ ھٿ سان مھانگائي پئدا ڪندڙ مافيائن کي ڪنٽرول ڪري تھ تڏھن پڻ عام ماڻھو کي خاصو رليف ملي سگھي ٿو، جيڪو ڪجهھ مھانگائي مد ۾ ٿي رھيو آھي ان پاسي ڏانھن نگران حڪومت پڻ ڪو ڌيان ڏيڻ جي لاءِ تيار نھ آھي،جنھن ڪري عام ماڻھو وڌيڪ مايوسي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو پيو وڃي.

  • اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن وري رڻ ٻاري ڏنو

اتر سنڌ جي ضلعن ۾ تاحال ڌاڙيل سرگرم آھن ۽ اغوا جا واقعا وڌي ويا آھن،جنھن ڪري وري سنڌو درياھ جي ڪنارن وارن شھرن توڙي ٻھراڙين جي علائقن ۾ رواجي زندگيءَ متاثر ٿي وئي آھي.جيتوڻيڪ سرڪاري اختيارين جو چوڻ آھي تھ ڏوھارين خلاف ڪارروائي جاري آھي ۽انھن علائقن ۾ مخبرن ۽ اطلاعن جي آڌار تي روز ڪارروايون ڪيون پيو وڃن، پر ٻئي پاسي وري صورتحال اھا آھي تھ ماڻھو پنھنجي پيارن جي اغوا ٿيڻ بعد ڏوھارين پاران ملندڙ ڌمڪين جون دانھون ڪري رھيا آھن.

اوٻاوڙو لڳ ڌاڙيلن ھڪ استاد عبدالغني پنھور کي اسڪول کان گھر موٽندي اغوا ڪري ورتو آھي.مغوي جي ڀاءَ علي حسن جو چوڻ آھي تھ کيس سندس ڀاءُ جي فون نمبر تان ڌاڙيلن فون ڪري ٻھ ڪروڙ ڀنگ جي رقم طلب ڪئي ۽ ٻي صورت ۾ اغوا ٿيل استاد کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي، اھڙي ريت پني عاقل ۾ پوليس لوڪيشن ٽريس ڪري ھڪ ماڻھو کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آھي.بائجي پوليس موجب محمد شرافت نالي شخص ڪنھن عورت جي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيڻ وارو ھو جو کيس بچايو ويو آھي.

ڪشمور ۾ڪنڌڪوٽ پوليس مقابلي ۾ ٽن مغوين زاھد حسين،رياض حسين ۽ رفيق گاڏھي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.اھڙو مقابلو دراني مھر جي علائقي ۾ ٿيو آھي.ٻئي پاسي آزاد ذريعن جي دعويٰ آھي تھ ٽئي مغوي راڄوڻي ڪوشش سان بازياب ٿيا آھن. ان کانسواءِ اڪري چودگيءَ جا ٻھ پورھيت ٻن ھفتن جي گم ٿيڻ بعد معلوم  ٿيو آھي تھ اھي اغوا ٿي ويا آھن، ڀنگ جي لاءِ ايندڙ فون جو جي لوڪيشن ڪشمور بيگاري شاخ لڳي رھي آھي. پورھيتن جي وارثن موجب ٻئي پورھيت دوست ھدايت شر ۽ عيسيٰ خاصخيلي پورھيو ڪرڻ جي لاءِ نڪتا ھئا،ٻن ھفتن تائين انھن جو پتو نھ پيو پر، ھڪ پورھيت عيسيٰ جي فون نمبر تان مائٽن وٽ فون آيو تھ  مغوين جا 40 لک ڀنگ ڏين نھ تھ انھن جا لاش وصول ڪرڻ لاءِ تيار ٿين.

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال گهڻي عرصي کان خراب آھي.جنھن ڪري ماڻھو خوف ۾ گھارين ٿا. ھر حڪومت جيان نگران حڪومت پڻ ڏوھارين خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو ھو، ممڪن آھي اھو آپرِيشن جاري ھجي، پر اصل ڳالھه ھي آھي تھ عام ماڻھو جي لاءِ اھڙي امن امان واري صورتحال ڪڏھن بهتر ٿيندي جڏھن ھو آرام سان زندگيءَ گذاري سگھي ۽ پورھيو ڪري پيٽ گذر ڪري سگھي. حڪومت کي گھرجي تھ ھر سرڪار جيان رڳو راڄوڻي طريقي سان معاملن کي اينگھائڻ بدران عملي طور تي قدم کڻي عوام کي محفوظ بڻائي جئين عوام سک جو ساھ کڻي سگھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.