پني عاقل ڀرسان مسافر ڪوچ ڪلٽي، 3 ڄڻا فوت، 14 کان وڌيڪ زخمي

پنوعاقل ( رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل جي سانگي قومي  شاھراهه تي حادثو، ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا، 14 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، سانگي قومي شاھراهه تي ڪراچي  کان پشاور ويندڙ مسافر ڪوچ ڊرائيور کي ننڊ اچڻ کانپوءِ کاھي ۾ ڪري پئي، حادثي سبب ڪراچي ،  پشين ، ۽ ٽڪيسلا واسي ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا، 14 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، فوتين ۽ زخمين جي لاشن کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو جتي زخمين جو علاج ڪيو ويو جڏھن ته زخمين مان ڇھن ڄڻن عائشه ، عليشبا ، قدير ، ارم ۽ رضيه کي پنوعاقل مان سکر علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو، زخمي ٿيل مسافرن موجب ڊرائيور کي ننڊ اچي وئي جنھن ڪري حادثو پيش آيو، جڏھن ته حادثي جي فوري اطلاع باوجود ريسڪيو آپريشن دير سان شروع ٿي مسافر ڪوچ اندر ڦاٿل رھيا ، جڏھن ته چئن ڪلاڪن جي ريسڪيو آپريشن کانپوءِ مسافرن کي ٻاھر ڪڍي علاج لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو ، جڏھن ته حادثي ۾ فوت ٿيل ٽنھي فوتين مان ٻن فوتين ڪراچي واسي طارق علي ، پشين واسي حڪمت الله  جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارث کڻائي ويا جڏھن ته ٽيڪسيلا واسي فوتي شاھد علي جو لاش تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ۾ پيل جنھن جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آھي جيڪي پنوعاقل پھچڻ کانپوءِ لاش کڻائي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.