پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي مخالف ڪريان ٿو، قادر خان مندو خيل

ڪراچي  (م ڊ) پ پ اڳواڻ قادر خان مندو چيو آهي ته تحريڪ انصاف کان چونڊ نشان وٺڻ جي فيصلي جي حمايت نٿا ڪري سگهون، پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي مخالف ڪريان ٿو. خاص ڳالهه ٻولهه  ڪندي قادر مندو خان چيو ته پي ٽي آءِ کي ٻين پارتين جيترو درجو ملڻ گهرجي. اسان جمهوري ڪلچر کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا، هر ڪنهن کي آزادي سان جلسي جلوس جي اجاز هجڻ گهرجي. قادر مندو خان مندو خيل چيو ته تحريڪ انصاف کان چونڊ نشان وٺڻ جي فيصلي جي حمايت نٿا ڪري سگهون، ڪوئي به سنگل جج سڄي ملڪ  لاءِ فيصلو نٿو ڪري سگهي، مان پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي مخالفت ڪريان ٿو. ڇا ڪنهن کي حق آهي ته چونڊيل ماڻهن جي مستقبل سان کيڏي،  اسيمبلي ۾ ويس ته معاملو لازم اسيمبلي ۾ اٿاريندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.