ڪجهه ماڻهو صحيح ۽ ڪجهه غلط ڪم ڪري رهيا آهن: محمد احمد شاهه

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي سڌ سماءُ، اقليتي معاملن، سماجي تحفظ جي نگران وزير ۽ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي صدر محمد احمد شاهه  چيو آهي ته نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي هدايتن تي ”وزير  حاضر ٿئي “ تحت صوبائي کاتن جي بريفنگ جو سلسلو جاري آهي جنهن جو مقصد انهن ادارن جي ڪارڪردگيءَ کي ميڊيا ذريعي عوام تائين پهچائڻ آهي،  هن اها ڳالهه  مڪاني ادارن هائوسنگ ٽائون پلاننگ جي نگران صوبائي وزير محمد مبين جماڻي ۽ ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي محمد اسحاق کهڙو سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي . نگران صوبائي وزير چيو ته ”  وزير حاضر ٿئي” جي مهم ڪاميابي سان جاري آهي ۽ ڪجهه ماڻهو صحيح ۽ ڪجهه غلط ڪم ڪري رهيا آهن لاڳاپيل کاتو ان جو ذميوار آهي، اسان سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ويٺا آهيون ڇو ته هن اداري بابت تمام گهڻيون غلط فهميون موجود آهن پر اها به حقيقت آهي ته نگران حڪومت اچڻ کان پوءِ ايس بي سي اي ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي ۽ ان جو سمورو ڪريڊٽ صوبائي مڪاني ادارن واري وزير مبين جماڻي کي وڃي ٿو، ڪنهن به آفيسر يا وزير کي ميڊيا آڏو اچڻ کان نه ڊڄڻ گهرجي ٻين ادارن کي به ميڊيا آڏو آڻينداسين. احمد شاهه چيو ته پوليس کاتي جي اعليٰ آفيسرن سان گڏ ڀرپور پريس ڪانفرنس ڪئي وئي هئي جنهن ۾ پوليس کاتي جي ناقص ڪارڪردگيءَ سان گڏوگڏ مثبت ڪارڪردگيءَ به سامهون آئي. نگران صوبائي وزير لوڪل گورنمينٽ هائوسنگ ٽائون پلاننگ چيو ته ايس بي سي اي ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته نگران حڪومت اچڻ کان پوءِ جيڪو ڪجهه ڪيو آهي ان جا اسان ذميوار آهيون. هن چيو ته هر کاتي ۾ چڱا ۽ خراب ماڻهو موجود آهن، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ اڪثر سٺا ماڻهو آهن. گذريل چئن مهينن ۾ کاتي جي ڪارڪردگي اوهان سڀني جي سامهون آهي. هن وڌيڪ چيو ته الزام هڻڻ کان پهرين ان جي خلاف پڪو ثبوت آندو وڃي ۽ بنا ثبوت جي الزام لڳائڻ کان پرهيز ڪئي وڃي، ڊائريڪٽر جنرل ايس بي سي اي محمد اسحاق کهڙو چيو ته هو نيڪ نيتي سان ڪم ڪري رهيا آهن ۽ جتي به کيس خبر پوندي ته غيرقانوني اڏاوتون ٿي رهيون آهن ته اسان انهن کي ڊاهينداسين. هن  چيو ته اڄڪلهه بلڊر تمام سٺيون عمارتون ٺاهي رهيا آهن، جڏهن ته علائقي جي رهواسين کي به گهرجي ته انهن علائقن ۾ غير قانوني اڏاوتن جي نشاندهي ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.