جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس: دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف وڌيڪ گهيرو تنگ ٿي ويو، 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت طلب ڪري ورتو، پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف نو مئي 2023 تي جي ايڇ ڪيو تي حملي، تصويرون ساڙڻ ۽ ماڻهن کي اڪسائڻ جا ڪيس داخل آهن، جن جي ٻڌڻي راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف ڪئي، عدالت ڪيسن ۾ عمران خان کي 9 جنوري تي طلب ڪري ورتو، پي ٽي آءِ باني 9 مئي جي سمورن ڪيسز ۾ مرڪزي جوابدار طور نامزد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.