خيرپور ( ويب ڊيسڪ) خيرپور ڀرسان ڳوٺ مريد حيدر جلباڻي ۾ ٻڪرين جي واڙي کي باهه لڳڻ سبب هڪ ڄڻو سڙي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٽي ٻڪريون به مري ويون.
واڙي ۾ باهه لڳڻ سبب گهر ڌڻي علي گوهر جلباڻي سڙي فوت ٿي ويو، جڏهن ته باهه ۾ 3 ٻڪريون سڙي مري ويون.
ڳوٺاڻن باهه وسائي سڙي علي گوهر جلباڻي کي مقامي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
Prev Post
You might also like