پاڪستان جي 56 ڪريمن تي پابندي!

لاهور (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ پاڪستان جي 56 ڪريمن تي پابندي لڳائي وئي، انهن ۾ ٻن قسمن جون ڪريمون آهن، جن ۾ مرڪري، سٽيرائيڊ گهڻي مقدار ۾ وڌو پيو وڃي.
پنجاب جي نگران وزير ڊاڪٽر جمال ناصر موجب برطانيا ۾ پاڪستان جي 56 ڪريمن تي پابندي لڳائي وئي، پابندي وارين ڪريمن ۾ اهي به شامل آهن، جن جا اشتهار هتي هلندا آهن.
هن چيو ته ٻن قسمن جون ڪريمون آهن، جن ۾ مرڪري، سٽيرائيڊ گهڻي مقدار ۾ وڌو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته رنگ ڀورو ڪندڙ انجيڪشنز سان به ڪينسر پکڙجندو آهي، سڀني وڏن سيلونز کي پابند ڪيو آهي ته اهي هيلٿ ڪيئر ڪميشن کان سرٽيفڪيٽ وٺن.
جمال ناصر انڪشاف ڪيو ته 90 سيڪڙو سيلونز پاڻ کي رجسٽر ناهي ڪرايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.