ڪراچي: ابراهيم حيدري ۾ هٿياربندن هٿان ماءُ ڌيءَ قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري جي علي اڪبر ڳوٺ ۾ هٿياربند ماءُ ۽ ڌيءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
ڪورنگي جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ اڻڄاتل هٿياربندن گهر ۾ گھڙي ماءُ ۽ ڌيءَ کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪل سوار ٽي هٿياربند گھر ۾ گھڙي فائرنگ ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.