حيدرآباد: احتجاج ڪندڙ عورت ايس ايڇ او کي چماٽ وهائي ڪڍي

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ گھر تي مبينا قبضي خلاف احتجاج ڪندڙ عورت ايس ايڇ او کي چماٽ وهائي ڪڍي.
حيدرآباد جي ڪينٽ ٿاڻي جي حد صدر واري علائقي حاجي شاھه درگاھ جي رھواسڻ مسمات ريحانه مغل پنھنجي مڙس عبدالله مغل ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ گھر تي ٿيل مبينا قبضي خلاف احت پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي روڊ تي ويهي رهي جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي.
ايس ايڇ او ڪينٽ احتجاج ڪندڙ عورت کي روڊ تان اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران هن ايس ايڇ او کي چماٽ وهائي ڪڍي.
پوليس ۽ احتجاج ڪندڙ عورت سندس مڙس کي حراست ۾ ورتو جنهن کان پوءِ عورت پاران رڙيون ڪرڻ کيس ڇڏيو ويو.
احتجاج ڪندڙ عورت ريحانه مغل جو چوڻ هو ته سندس گھر تي قبضو ٿيل آھي، عدالتي حڪم باوجود ڪينٽ پوليس گھر تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ تيار ناھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.