چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت ٺهراءٌ، بهره مند تنگي جو موقف اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ سينيٽر بهره مند تنگي چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت سينيٽ ۾ منظور ٿيندڙ ٺهراءَ تي خاموشي جي ترديد ڪري ڇڏي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي بهره مند تنگي دعويٰ ڪئي ته هن ۽ پي ٽي آءِ سينيٽر گرديپ سنگهه چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي هئي.
پر بهره مند تنگي سينيٽ اجلاس ۾ ڪورم جي نشاندهي نه ڪرڻ جي غلطي تسليم ڪندي چيو ته ها مان مڃان ٿو ڪورم جي نشاندهي نه ڪري سگهيس، جيڪڏهن ڪورم جي نشاندهي ڪيان ها ته ائين نه ٿئي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.