ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي جي فيصلي خلاف صدارتي ريفرنس 8 جنوري تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کي عدالتي قتل قرار ڏيڻ جو صدارتي ريفرنس هڪ ڀيرو ٻيهر ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بئنچ 8 جنوري تي ٻڌڻي ڪندي.
ٻڌڻي ڪندڙ 9 رڪني لارجر بئنچ ۾ جسٽس سردار طارق، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.