پيپلزپارٽي پي ايس تيرهن تي عادل الطاف انڙ کي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلزپارٽي لاڙڪاڻي جي صوبائي تَڪ پي ايس تيرهن تي عادل الطاف انڙ کي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي.

پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين پاران صوبائي توڙي قومي اسيمبلي جي تڪن تي بيهاريل پنهنجي اميدوارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي.

پيپلزپارٽي صوبائي اسيمبلي لاءِ هڪ سئو ٽي اميدوارن جا نالا فائنل ڪيا آهن جن مان لاڙڪاڻي جي عوام لاءِ انتظار جو سبب بڻيل پي ايس تيرهن تي پيپلزپارٽي ۾ تازو شموليت ڪندڙ عادل الطاف انڙ کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي.

جڏهن ته لاڙڪاڻي جي پي ايس ڏهه تي فريال ٽالپر، پي ايس يارهن تي جميل سومرو، جڏهن ته پي ايس ٻارهن تان سهيل انور سيال پيپلزپارٽي جا اميدوار هوندا.

ٽڪيٽون جاري ٿيڻ واري فهرست جي اعلان کانپوءِ پي ايس تيرهن تي عادل الطاف انڙ جو نالو فائنل ڪرڻ تي تڪ جي عوام پاران خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو ۽ اڳواٽ ئي هڪٻئي کي عادل الطاف انڙ جي ڪاميابي جون مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

ٻئي پاسي پي ايس تيرهن جي اميدوار عادل الطاف انڙ چيو ته پارٽي قيادت پاران اعتماد ڪرڻ تي ٿورائتو آهيان، عوام جي محبت ۽ ساٿ گڏ آهي، چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي علائقي جي عوام جي هر مسئلي جي حل لاءِ جدوجهد ڪئي وئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.