نر ۽ مادي جي گڏيل خاصيت رکندڙ پکي دريافت

ڏکڻ آمريڪي ملڪ ڪولمبيا ۾ اهڙو پکي ڳوليو ويو آهي جيڪو هڪ ئي وقت نر به آهي ۽ مادي به.
ان پکي ”هني ڪريپر“ جو پتو پکين جي مشهور ماهر جان موريلو سرڪاري سرپرستي ۾ قائم هڪ محفوظ علائقي ۾ تحقيق دوران لڳايو.
جان موريلو جو ڌيان پکي جي ان خاصيت ڇڪيو جو پکيءُ جو کٻيو پاسو سائو ۽ ساڄو پاسو نيرو هو. ان نسل جي پکين ۾ نر نيري رنگ جو هوندو آهي جڏهن ته مادي سائي رنگ جي هوندو آهي.
نيوزيلينڊ جي يونيورسٽي آف اوٽاگو جي پروفيسر ۽ سائنسدان هيمش سپينسر ٻڌايو ته پکين بابت تحقيق ڪندڙ گھڻن ماهرن جي حسرت رهي آهي ته ڪڏهن اهڙو پکي ڏسون جيڪو نر ۽ مادي ٻئي خاصيتون رکندو هجي. هني ڪريپر جي دريافت سئو سالن ۾ پنهنجي نوعيت جو ٻيو واقعو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.