ٽيلينٽ نه هجي ته خوبصورتي ڪم ناهي ايندي: نيلم منير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل نيلم منير چيو آهي ته شوبز جي دنيا ۾ جيڪڏهن ٽيلينٽ نه هجي ته خوبصورتي ڪم ناهي ايندي، جيڪڏهن ڪا خوبصورت ڇوڪري سفارش سان به اچي وڃي ته رڳو هڪ يا ٻه پراجيڪٽ ڪري گھر ويهي رهندي آهي.
هڪ انٽرويو ۾ نيلم منير چيو ته هزارين ڇوڪريون شوبز ۾ اچڻ چاهين ٿيون پر انهن ۾ فنڪاراڻيون صلاحيتون نه هونديون آهن.
اداڪارا چيو ته خوبصورتي کي زوال آهي پر فن جو ڪڏهن به زوال ناهي ايندو.
نيلم منير جو چوڻ هو ته ڪاڪردگي جي بنياد تي ڪم ڪرڻ تي يقين رکان ٿي.
سندس چوڻ وه ته ماڊلنگ پنهنجي جاءِ تي هڪ اهم شعبو آهي پر اتي محدود پيماني تي صلاحيتون اجاگر ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي جڏهن ته ڊرامن ۽ فلمن ذريعي فنڪار پنهنجي فطري صلاحيت کي سٺي نموني اجاگر ڪري سگھي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.