ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 جو شيڊيول پڌرو، پاڪ-ڀارت ٽاڪرو ڪڏهن ٿيندو؟

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع جي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جو نائون ايڊيشن آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ کيڏيو ويندو.
ميگا ايونٽ ۾ هن ڀيري 20 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن جن کي چئن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون گروپ بي ۾ شامل آهن.
پهرين کان اڻٽهين جون تائين جاري رهندڙ ٽورنامينٽ ۾فائنل سميت ڪُل پنجونجاهه ميچون کيڏيون وينديون.
پاڪستان مشن ورلڊ ڪپ جي شروعات ڇهه جون تي آمريڪا خلاف ميچ سان ڪندو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو سڀ کان وڏو ٽاڪرو يعني پاڪ-ڀارت ميچ نوَ جون تي نيويارڪ ۾ کيڏي ويندي.
گرين شرٽس پنهنجي ٻي ميچ 11 جون تي ڪئناڊا خلاف کيڏندي جڏهن ته 16 جون تي پاڪستان آئرلينڊ خلاف ميدان تي لهندو.
پهرين کان 18 جون تائين گروپ ميچون کيڏيون وينديون، 19 جون کان سپر ايٽ مقابلا شروع ٿيندا.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا سيمي فائنل مقابلا 26 ۽ 27 جون تي شيڊيول آهن جڏهن ته ميگا ايونٽ جو فائنل 29 تي باربيڊوس ۾ ٽورنامينٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.