اسٽيبلشمينٽ ئي آمريڪا جي دٻاءَ تي حڪومت ڪيرائي: عمران خان پنهنجي الزام تي قائم

راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قيد تحريڪ انصاف باني عمران خان برطانوي رسالي ”دي اڪنامسٽ“ ۾ مضمون لکيو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو الزام ورجايو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ئي آمريڪا جي دٻاءَ ۾ سندس حڪومت ڪيرائي.
عمران خان الزام هنيو آهي ته ليول پليئنگ فيلڊ ته پري جي ڳالهه، اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ کي شروع کان فيلڊ ڏيڻ لاءِ ئي تيار ناهي.
هن چونڊن تي شڪ شبهن جو اظهار ڪيو ۽ لکيو ته 8 فيبروري تي چونڊن جو اعلان ٿي چڪو پر گذريل سال مارچ ۾ سپريم ڪورٽ جي واضح حڪم باوجود پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ چونڊون نه ڪرايون ويون.
پي ٽي آءِ باني 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ڪرائڻ تي نگران حڪومتن کي غير قانوني قرار ڏنو.
واضح رهي ته آمريڪي ۽ پاڪستاني اختياريون ڪيترائي ڀيرا پي ٽي آءِ باني جي الزامن تي ترديد ڪري چڪيون آهن.
آمريڪي پرڏيهي کاتي هڪ ڀيرو ٻيهر برطانوي رسالي جي مضمون ۾ عمران خان طرفان لڳايل الزامن کي رد ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.