چونڊن بابت ٺهراءَ جي منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري، ٻن مهينن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ سيڪريٽريٽ چونڊن بابت ٺهراءَ جي منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
سينيٽ اجلاس ۾ ٺهراءَ جي منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو ۽ ٺهراءِ جي منظوري جي ڪاپي صدر، نگران وزيراعظم، اليڪشن ڪميشن، قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن کي موڪلي وئي آهي.
سينيٽ سيڪريٽريٽ پارلياماني معاملن واري وزارت کي فوري طور ڪارروائي ڪري ٻن مهينن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جھي هدايت ڪئي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن ملڪي صورتحال کي ڏسندي چونڊ شيڊيول فوري طور تبديل ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.