آئين خلاف ڪو فيصلو ۽ ٺهراءُ قبول نه هوندو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته آئين خلاف ڪو فيصلو يا ڪو ٺهراءُ قبول نه هوندو.
سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت ٺهراءَ جي منظوري تي ردعمل ڏيندي خورشيد شاهه چيو ته چونڊن کان فرار ٿيڻ جو عمل ملڪ کي بحران ۾ وجهي سگهي ٿو، سينيٽ ۾ ملڪ جي وڏين جماعتن جي غير موجودگي ۾ ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو ڪو جواز نه هو.
هن چيو ته سينيٽ ۾ ڪورم پورو نه هو، تنهن ڪري ان کي اڪثريت راءِ چوڻ درست ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.