چونڊن بابت ٺهراءَ جي حمايت تي پ پ، بهره مند کان جواب گهري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ جي ٺهراءَ بابت سينيٽر بهره مند تنگي کي شوڪاز جاري ڪري ڇڏيو.
پڌرائيءَ موجب بهره مند تنگي کي شوڪاز اعليٰ قيادت جي هدايت تي پارٽي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري جاري ڪيو.
شوڪاز ۾ چيو ويو آهي ته توهان پارٽي ليڊرشپ جي هدايتن ۽ پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪئي، واضح ڪيو ته توهان ڇو ٺهراءَ جي حمايت ڪئي ۽ حمايت ۾ تقرير به ڪئي؟
نوٽيس جي متن موجب توهان کي خبر آهي ته 8 فيبروري تي عام چونڊن لاءِ پارٽي پرعزم آهي، ان باوجود توهان ٺهراءِ جي حمايت ڇو ڪئي؟ تنهن ڪري هڪ هفتي ۾ جواب ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.