پي ٽي اي لکين موبائيل فون بلاڪ ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جي چيئرمين چيو آهي ته گذريل 3 مهينن ۾ ٽيڪس نه ڏيڻ تي 5 لک موبائيل فون بلاڪ ڪيا ويا.
سينيٽ جي گھرو کاتي بابت اسٽينڊنگ ڪميتي جي اجلاس ۾ پي ٽي اي جي چيئرمين ڪميٽي جي ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسان پنج ڀيرا حڪومت کي چيو ته ٽيڪس تمام گھڻو آهي، اسان چئون ٿا ته پاڪستان ۾ موبائيل فري هجڻ گھرجي.
پي ٽي اي چيو ته جنهن به موبائل 60 ڏينهن ۾ ٽيڪس جمع نه ڪرايو ان کي بلاڪ ڪيو ويندو آهي، گذريل 3 مهينن ۾ ٽيڪس نه ڏيڻ تي 5 لک موبائيل فون بلاڪ ڪيا ويا.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي اي پاران موبائيل بلاڪ ڪرڻ کان اڳ نوٽيس ڇو ناهي موڪليو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.