جلد واٽس ايپ مان وڏي سهولت ختم ٿي ويندي

واٽس ايپ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مشهوري ترين ميسيجنگ ايپ آهي ۽ ان جا اينڊرائڊ واهپيدار پنهنجي ڊيٽا بيڪ اپ لاءِ گوگل ڊرائيو تي ڀاڙيندا آهن.
اڃا واٽس ايپ بيڪ اپ ڊيٽا لاءِ گوگل ڊرائيو اسٽوريج جي ڪا به حد نه آهي پر ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ اها سهولت کسجي ويندي.
جي ها واٽس ايپ جي اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ تمام وڏي سهولت ختم ٿيڻ واري آهي.
نومبر ۾ گوگل پاران هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته اينڊرائڊ ڊوائيسز لاءِ واٽس ايپ بيڪ اپ لاءِ جلد گوگل اڪائونٽ جي اسٽوريج استعمال ڪئي ويندي.
ان وقت ڪمپنيءَ جو چوڻ هو ته سڀ کان پهريان ڊسمبر 2023ع ۾ واٽس ايپ جي بيٽا واهپيدارن لاءِ اها تبديلي ڪئي ويندي ۽ پوءِ ايندڙ سال سمورن واهپيدارن تي اها لاڳو ٿيندي.
ان حوالي سان واٽس ايپ جو چوڻ هو ته بيڪ اپ ڊيٽا جي حد جي حوالي سان نئين تبديلي 2024ع ۾ سمورن واهپيدارن تي لاڳو ٿيندي.
ميٽا موجب واهپيدارن کي ان حوالي سان 30 ڏينهن اڳ آگاهه ڪيو ويندو.
جيڪڏهن اوهان واٽس ايپ جو بيٽا ورجن استعمال ڪري رهيا آهيو ته اتي چيٽ بيڪ اپ تي اهو ميسيج نظر ايندو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ بيڪ اپ لاءِ گوگل اسٽوريج کي استعمال ڪيو ويندو.
واضح رهي ته گوگل اڪائونٽس سان گڏ 15 جي بي مفت ڪلائوڊ اسٽوريج ملندي آهي جيڪا جي ميل، ڊرائيور ۽ فوٽوز وغيرا لاءِ استعمال ٿيندي آهي.
واٽس ايپ ڊيٽا جو بيڪ اپ ان وقت مددگار ثابت ٿيندو آهي جڏهن اوهان پنهنجو فون تبديل ڪندا آهيو ۽ گوگل ڊرائيو ذريعي ان تائين پهچي سولي ٿي ويندي آهي.
جڏهن واٽس ايپ ڊيٽا لاءِ گوگل جي مفت اسٽوريج جي گنجائش ختم ٿيندي ته پوءِ واهپيدارن کي گوگل ون جي سبسڪرپشن پلان کي چونڊڻ جي هدايت ڪئي ويندي.
گوگل اهڙي طرح جي تبديلي پنهنجي مشهور ايپ فوٽوز لاءِ به ڪري چڪو آهي جنهن ۾ پهريان واهپيدارن کي مفت اڻ کُٽ اسٽوريج ملندي هئي پر پوءِ ان کي 15 جي بي اسٽوريج تائين محدود ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.