پيوٽن پاران روس لاءِ وڙهندڙ پرڏيهين کي روسي شهريت ڏيڻ جي آڇ

ماسڪو ( ويب ڊيسڪ ) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن هڪ حڪمنامو جاري ڪيو آهي جنهن تحت انهن پرڏيهين کي پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي خاندانن لاءِ روسي شهريت حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي جيڪي يوڪرائن ۾ روس لاءِ وڙهي رهيا آهن.
حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته جن ماڻهن يوڪرائن ۾ فوجي ڪارروائي دوران، جنهن کي ماسڪو” اسپيشل ملٽري آپريشن“ قرار ڏئي ٿو، ڪانٽريڪٽ تي صحيحون ڪيون آهن اُهي پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي خاندان ۽ والدين لاءِ روسي پاسپورٽ حاصل ڪرڻ جي درخواست ڏئي سگهن ٿا.
ان لاءِ کين لازمي طور تي اِهي دستاويز ڏيکارڻا پوندا جنهن تي انهن گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ فوجي ڪارروائي ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪيون آهن.
شهريت لاءِ درخواست ڏيڻ جي اهل ماڻهن ۾ اِهي ماڻهو شامل آهن جن باظابطا هٿياربند فوج يا ٻين فوجي شعبن سان معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن.
اهڙي قدم جو ظاهري مقصد اِهو آهي ته فوجي تجربو رکندڙ پرڏيهين کي روسي فوج ۾ شامل ٿيڻ لاءِ واڌو ترغيب ڏني وڃي.
ٻئي پاسي ڪريملن بار بار چيو آهي ته وڌيڪ ڪنهن ڀرتي جي ضرورت نه آهي، ڇو ته گذريل سال هزارين مردن رضاڪاراڻي طور فوج ۾ شامل ٿيڻ واري ماعهدي تي صحيحون ڪيون هيون ته جيئن هو پروفيشنل فوجي بڻجي سگهن.
ٻاويهه مهينن کان جاري ويڙهه دوران روس ۽ يوڪرائن پاران پنهنجي نقصانن جا تفصيل ظاهر ناهن ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.