سال 2024 جون پنج وڏيون بالي ووڊ فلمون

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) سال 2023 بالي ووڊ انڊسٽري لاءِ سٺو رهيو ۽ڪيئي وڏين فلمن رڪارڊ بزنس ڪري فلمسازن ۽ اداڪارن جا حوصلا بلند ڪيا.

باڪس آفيس تي شاهه رخ خان جي ٻن فلمن جوان ۽ پٺاڻ رڪارڊ ڪمائي ڪئي اتي سني ديول جي غدر ٽو ۽ رنبير ڪپور جي اينيمل به ڪاميابيون ماڻيون.

فلمي شوقينن کي هلندڙ سال دوران به پنهنجي پسنديدا اداڪارن جي فلمن جو بي صبري سان انتظار آهي ۽ هو پراميد آهن ته هي سال به بالي ووڊ انڊسٽري لاءِ بهتر ثابت ٿيندو.

هونئن تي هر سال سوين ڀارتي فلمون رليز ٿينديون آهن پر هلندڙ ڪهڙيون اهڙيون پنج فلمون رليز ٿينديون جنهن جو مداح بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن؟

فائٽر

هدايتڪار سڌارت آنند ملهوترا جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم فائٽر جو مداحن کي بي صبري سان انتظار آهي ڇو ته هن فلم ۾ اداڪارا دپيڪا پاڊڪون پهريون ڀيرو هرٿيڪ روشن سان گڏ نظر ايندو.

فلم ۾ دپيڪا ۽ هرٿيڪ روشن ڀارتي هوائي فوج جي پائليٽ جي ڪردار ۾ نظر ايندا.

فلم 25 جنوري تي ڀارت جي يومِ جهموريت کان هڪ ڏينهن اڳ رليز ٿيندي.

ميري ڪرسمس

اداڪارا ڪترينا ڪيف جي فلم ميري ڪرسمس به هن سال رليز ٿيندڙ فلمن ۾ شامل آهي.

فلم جي هدايتڪاري سري رام راگهون ڏني آهي، رومانوي ٿرل فلم ٻارنهن جنوري تي سئنما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

سنگهم اگين

روهت شيٽي جي مشهور فرنچائز سنگهم جي ٽين فلم هلندڙ سال پندرنهن آگسٽ تي رليز ٿيندي.سنگهم اگين ۾ ادڪارا ڪرينا ڪپور، دپيڪا پاڊڪون، اجي ديوگن، رنوير سنگهه، اڪشي ڪمار ۽ ٽائيگر شروف اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندا.

ڀول ڀليا 3

مشهور فرنچائز ڀول ڀليا جون ٽيون پارٽ به هلندڙ سال رليز ٿيڻ لاءِ تيار آهي، فلم اداڪار ڪارٿڪ آريان ئي ايڪشن ۾ نظر ايندو، فلم هلندڙ سال ڏياريءَ جي موقعي تي رليز ڪئي ويندي.

ويلڪم ٽو دي جنگل

بالي ووڊ فلم ويلڪم جي ٽيئن حصي جو مداحن کي بي صبري سان انتظار آهي، فلم جي ڪاسٽ ۾ اداڪار اڪشي ڪمار، سنيل شيٽي، سنجي دت، ارشد وارثي ۽ روينا ٽنڊن شامل آهن، ويلڪم ٽو دي جنگل هلندڙ سال ڪرسمس جي موقعي تي رليز ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.