سنڌ ۾ هر وڏو وزير سنڌي ۽ بلوچستان ۾ بلوچ رهيو آهي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جڏهن ماڻهن کي محروم ڪندئو ته دهشتگردي جون فيڪٽريون ٺهنديون.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال ايم ڪيو ايم جي منشور بابت چيو ته هي دستاويز رڳو مسئلا نه پر انهن جو حل به ٻڌائي ٿو.
هن چيو ته بلوچستان جو وڏو وزير بلوچ رهيو ۽ سنڌ جو سنڌي رهيو آهي، اڄ تائين هزارين ارب رپيا بلوچ وڏي وزير هٿان خرچ ٿيا، سنڌ ۾ به هزاري ارب رپيا سنڌي وڏي وزير هٿان خرچ ٿيا، سنڌ ۾ هر وڏو وزير سنڌي ۽ بلوچستان ۾ بلوچ رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته صوبن کي جيڪي پئسا ملي رهيا آهن، اهي ڪٿي خرچ ٿي رهيا آهن؟ ناڻي جون چاٻيون توهان وڏي وزير کي ڏئي ڪرپشن ڪرائي رهيا آهيو، ماڻهن کي محروم ڪندئو ته دهشتگردي جون فيڪٽريون ٺهنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.