پني عاقل ڀرسان مسافر ڪوچ حادثي جو شڪار، 3 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

سکر (ويب ڊيسڪ) پني عاقل ڀرسان مسافر ڪوچ کاهي ۾ ڪرڻ سان 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پوليس موجب ڪوچ مسافرن سان ڀريل هئي، جيڪا ڪراچي کان پشاور وڃي رهي هئي ته پني عاقل ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي وئي.
پوليس ٻڌايو ته حادثو ڊرائيور کي ننڊ جو جهوٽو اچڻ سبب پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ عورتن ۽ ٻارن سميت 19 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اهلڪار پهچي ويا، جن فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو، جتي 7 جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.